سکرامداس اوجها، مهاراج

سکرامداس اوجها، مهاراج

مهاراج سکرامداس اوجها

مهاراج سکرامداس اوجها : ڪراچيءَ ۾ سلهه (T.B) خلاف جهاد ڪندڙ شخص ۽ ’اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيزز‘ (Ojha Institute of Chest Diseases) جو اصل بنياد وجهندڙ ڪير هو، اها ڄاڻ شايد گهڻن سنڌ واسين کي نه هجي. بين الاقوامي مڃتا ماڻيندڙ سلهه جي هيءَ اسپتال، جيڪا هن وقت ڊائو ميڊيڪل هاسپيٽل ۽ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل آهي، اُن جو بنياد وجهندڙ شخص، مهاراج سکرامداس اوجها هو، جنهن پنهنجي وڏي ڀاءُ ڏيپچند تيجنداس جي نالي سان ’ڏيپچند ٽي. اوجها انسٽيٽيوٽ‘ قائم ڪيو هو، جيڪو ڪراچيءَ جو وڏو سماجي خدمتگار هو ۽ 1910ع جي بلدياتي چونڊن ۾ ڪراچي ميونسپل ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڳتي هلي وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. هو ڪائونسلريءَ واري عرصي ۾ لياري، کڏي ۽ کارادر ۾ قائم ڊسپينسرين جي ڪاميٽين جو ميمبر هو ۽ هن جو گهڻو ڌيان سلهه جي مريضن ڏانهن هوندو هو. هن سياسي ۽ سماجي طرح ’سنڌ سڀا‘ ۽ ڪانگريس جي پليٽفارم تان خدمتون سرانجام ڏنيون. 1931ع ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي ڪراچيءَ ۾ ٿيل اٺاويهين اجلاس جي مرحبائي ڪميٽيءَ جو ميمبر به هو. ان اجلاس کان ترت پوءِ مهاراج ڏيپچند اوجها گذاري ويو. سندس ننڍو ڀاءُ مهاراج سکرامداس اوجها حڪمت ڪندو هو. هي اصل ۾ ٺٽي جا رهندڙ هئا ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ اچي کاري در واري علائقي ۾ رهيا. مهاراج سکرامداس جو شفاخانو ڪراچيءَ ۾ ميري ويدر ٽاور جي ويجهو، لکميداس اسٽريٽ ۾ هوندو هو. هو خاص ڪري سلهه جي علاج جو ماهر هو. ڪيترائي ويد ۽ حڪيم کانئس تعليم پرائڻ ايندا هئا. هو ويدڪ علاج جو وڏو ڄاڻو هو. مهاراج سکرامداس جي شفاخاني ۽ جديد ڪراچيءَ جي معمار سيٺ هرچندراءِ جي آفيس تي هر وقت سياسي ۽ سماجي ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هئا. مهاراج سکرامداس جڏهن 1931ع ۾ حڪمت جي ڊگري حاصل ڪئي ته ڪراچي واسين سندس مان ۾ هڪ آجياڻو ڏنو، جنهن ۾ شريڪ ماڻهن ڪراچيءَ ۾ سلهه جي وڌندڙ مرض تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي، گڏوگڏ سلهه جي مرض خلاف مهاراج سکرامداس ۽ مهراج ڏيپچند اوجها جي خدمتن جي ساراهه به ڪئي وئي هئي، اُن موقعي تي مهاراج سکرامداس اوجها، پنهنجي مرحوم ڀاءُ مهاراج ڏيپچند اوجها جي نالي سان هڪ ’سلهه گهر‘ (Senitorium) قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾ 50 هزار ۽ پنهنجي سرڳواسي پٽ پرڀورام سکرامداس اوجها جي ياد ۾ 5 هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ’دي آير ويد ٽيوبرڪلوسز رليف ائسوسيئيشن‘ جي قيام جو به اعلان ڪيو. هن ائسوسيئيشن ’ڏيپچند اوجها سلهه گهر‘ جي قيام لاءِ هڪ مئنيجنگ ڪميٽي جوڙي، جنهن جو ڪنوينر ان وقت جي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئن جمشيد نسروانجي مهتا کي مقرر ڪيو ويو. مهاراج سکرامداس اوجها ۽ سيٺ غلام علي چاڳلا نائب صدر، منو ڀائي، ڏونگرسي ۽ چندرسين جيٽلي سيڪريٽري، شِو جي ويلجي ڪوٺاري خزانچي مقرر ڪيا ويا. ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ سکديو اوڌو داس ڀارواڻي، ڪماري ڄيٺي سپاهيملاڻي، مروانجي ڪانڊاوالا، جگن ناٿ ٽنڊن، سيٺ شيو رتن موهاٽا، مهاراج ڏونگرسي، روپلال شنڪرلال، ايسرداس ورند مل، ڄيٺانند هيرانند، ڪنيالال، جهانگير پنٿڪي، هريداس لالجي، روچيرام ٺاڪرداس ۽ بي. ٽي. ٺڪر شامل هئا. ڪاميٽيءَ ۾ ايترن وڏن سياسي، واپاري ۽ سماجي نالن جي موجودگي ٻُڌائي ٿي ته مهاراج سکرامداس ۽ مهاراج ڏيپچند اوجها، ڪراچيءَ ۾ ڪيترا نه هر دلعزيز هئا. ’دي آير ويد ٽيوبرڪلوسز رليف ائسوسيئيشن‘ جي هن ڪميٽيءَ سنڌ حڪومت کي زمين ڏيڻ لاءِ لکپڙهه شروع ڪئي، پر سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ واري تحريڪ جي ڪري 8 سالن کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ، الله بخش سومري جي وزارت ٺهڻ کانپوءِ ڪميٽيءَ کي زمين ڏني. الهه بخش وزارت جي انجنيئرنگ کاتي جي وزير، ديوان نهچلداس وزيراڻيءَ خاص دلچسپي وٺي، ديهه صفوران ۾ 100 ايڪڙ زمين ڪميٽيءَ کي هن نيڪ ڪم لاءِ الاٽ ڪئي. ديهه صفوران ۾، 16 جون 1939ع تي، سنڌ حڪومت جي وزير نهچلداس وزيراڻيءَ سينيٽوريم جي پيڙهه جو پٿر رکيو. جيئن ته هن سلهه گهر لاءِ مهاراج سکرامداس اوجها 55 هزار روپيا ڏئي چڪو هو، ان ڪري سلهه گهر جو نالو ’مهاراج ڏيپچند ٽي اوجها سينيٽوريم‘ رکيو ويو. پيڙهه واري پٿر واري تقريب ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن کانسواءِ شهر جا معزز به وڏي تعداد ۾ موجود هئا. هي سلهه گهر، مهاراج سکرامداس اوجها ۽ ’دي آيرويد ٽيوبرڪلوسز رليف ائسوسيئيشن‘ جي نگرانيءَ ۾، 1942ع ۾ ٺهي راس ٿيو. پر ان کان اڳ ۾، مهاراج سکرامداس اوجها عارضي طور سينيٽوريم ۾ سلهه جو علاج شروع ڪيو هو. هتي حڪمت سان گڏ ايلوپيٿڪ علاج جو بندوبست به ڪيو ويو هو. ڏيپچند اوجها سينيٽوريم ۾ مريضن کي علاج، کاڌو پيتو، رهائش، هنڌ بسترا وغيره مفت ڏنا ويندا هئا. 1939ع کان 1948ع تائين مهاراج سکرامداس اوجها ۽ سندس ٽيم سخت محنت ڪري سوين مريضن جو مفت علاج ڪيو. 1948ع ۾ سکرام داس اوجها به لکين هندو سنڌين سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻ تي مجبور ٿيو، پر سندس يادگار اوجها سينيٽوريم کي پاڪستان سرڪار پنهنجي هٿ ۾ ورتو. 1970ع ۾ سينيٽوريم کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو ۽ 1973ع ۾ سينيٽوريم جو درجو وڌائي، ان کي ’سينيٽوريم آف چيسٽ ڊزيزز‘ جو درجو ڏنو ويو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن سينيٽوريم جي بانين جا نالا، ڄم ۽ لاڏاڻي جون تاريخون درج ڪري سندن تصويرون هن اداري ۾ لڳايون وڃن ته جيئن تاريخ اڏيندڙن کي ياد ڪري.


لفظ مهاراج سکرامداس اوجهاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو